يوم تڪريم: آرمي چيف طرفان جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري

يوم تڪريم جي حوالي سان مُک تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. جنهن ۾ مهمان خاص چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، گل چاڙهيا ۽ دعا گهري.تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو پڙهيو ويو. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ آفيسرن شرڪت ڪئي. اڳوڻو آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻيا ريٽائرڊ آفيسر به تقريب ۾ موجود هئا.رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سميت مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن به يوم تڪريم جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي گهر ڀاتين ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.ٻئي طرف پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان نيول هيڊ ڪوارٽرز، فارميشن هيڊ ڪوارٽرز ۽ پوليس جي شهيد ٿي ويلن جي يادگارن تي به تقريبون منعقد ڪيون ويون.