يونين ڪائونسل آکيرو جي چيئرمين ۽ ضلعي ميمبر خلاف فنڊ هڙپ ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ جي يونين ڪائونسل آکيرو جي چيئرمين محمد اشرف گولو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر حسن علي خان بنگوار پاران فنڊ ھڙپ ڪرڻ خلاف يونين ڪائونسل آکيرو جي وائيس چيئرمين ٿنگئي بنگوار ،وارڊ ميمبر رضا محمد بنگوار ۽ يونين ڪائونسل جي عوام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،ھنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي تـ جيڪو بـ سنڌ حڪومت کان يونين ڪائونسل کي فنڊ ملي ٿو اھو سمورو ئي فنڊ ڳڙڪائي کائي وڃن ٿا، ھنن چيو تـ اسان جي يونين ڪائونسل آکيرو ۾ ڪوئي بـ ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن ۽ نـ کين سھوليت ڏني وئي آهي، ھنن چيو جيڪو بـ فنڊ اچي ٿو اھو فنڊ چيئرمين آکيرو ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ٻئي ملي جھلي ھڙپ ڪري وڃن ٿا، ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيون ٿا تـ اھڙي ڪرپٽ چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انڪوائري ڪرائي ھڙپ ڪيل سرڪاري پيسو واپس وٺي عوام مٿان خرچ ڪري ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن نـ تـ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو