يوٽيليٽي اسٽورز تي 800 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سڄي ملڪ جي صارفين لاءِ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 800 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو اهي. انهي سلسلي ۾ 48 مختلف برانڊز جي سمورين ورائٽي جي دستياب پروڊڪٽس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.يوٽيليٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جا گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانهه، صرف، نوڊلز، ڪيچ اپ، ٽيٽرا پيڪ کير، خشڪ کير، مصالحا، آچار، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ 8 روپين کان 60 روپين تائين وڏي لاٿ ڪئي وئي آهي.قيمتن ۾ لاٿ کان پوءِ يوٽيليٽي اسٽورز تي نئين قيمتن کي فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سبسڊي في الحال بند آهي جيڪا تمام جلد نئين طريقيڪار جي تحت بحال ٿي ويندي. سمورا صارفين بنا ڪنهن پريشاني ۽ شرطن جي يوٽيليٽي اسٽورز تان خريداري ڪري سگهن ٿا. ٻين عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.