ٺِڪراٺو / بجلي ٽرانسفارمر چوري وڌي وئي هر آئي رات علائقي مان بجلي ٽراسفارمر لاهي ان مان قيمتي سامان چوري ڪيو وڃي ٿو رات جو بجلي ٿيڻ بعد اهي وارداتون ٿين پيون علائقي واسين پوليس کي فوري طور جاچ ڪري چوري ڪندڙ گروھ جو پتو لڳائي کين قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ٺِڪراٺو ( رپورٽ ) ٺِڪراٺو ۽ ڀرپاسي هڪ ڀيرو ٻيهر ٺڪراٺي مبارڪپور روپهر جي علائقن مان بجلي ٽرانفسارمر چوري جن وارداتون وڌي ويون رات جو ٽرانسفارمر لاھي ان مان قيمتي ڪوئلون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿيڻ جوسلسلوجاري ٺِڪراٺو لڳ ڳوٺ محمد اڪرم مغل مان گذريل رات دير سان نامعلوم چور 50 KV جو ٽرانسفارمر لاهي ان مان قيمتي سامان ڪڍي فرار ٿي ويا متاثر ڳوٺاڻن پاران مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو ايس ايڇ او مبارڪپور پاران جاء وقوع ڏانهن پوليس پارٽي موڪلي چوري جا تفصيل ورتا
جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته سندن ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي ۽ اهڙين وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي