گذريل رات قتل ٿيل صحافي اي ڊي شر جو لاش رکي وارثن ۽ صحافين جو مھران نيشنل ھائي وي سوئي گيس چونڪ تي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي صحافين بشير شر عجيب لاکو اسلم رضا علي اڪبر شر ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته صحافي اي ڊي شر کي رات دير سان نامعلوم ماڻھن دوکي سان گھرائي بيدردي سان قتل ڪري لاش کي جھنگ ۾ اڇلائي ويا ۽ سندس موٽرسائيڪل سم نالي مان برآمد ٿي آھي. ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ٺري ميرواھ پوليس واقعي کي 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اصل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي ايس ايس ايڇ ميرواھ ۽ ٻيا پوليس عملدار اسان جي فون اٽينڊ ڪرڻ لاء تيار ناھن، پوليس شھيد صحافي جو موبائل فون به برآمد ناھي ڪري سگھي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شھيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ٻئي طرف مھراڻ ھائي تي احتجاج سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون آھن۔