ِڪراٺو جي واهن ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف مقامي آبادگارن ۽ هارين جو احتجاجي مظاهروٺِڪراٺو جي شهيد سورهيه بادشاھ چوڪ تي مقامي آبادگارن ۽ ھارين مبارڪپور مائينر بمبلي مائينر ۽ لٺ مائينر ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو احتجاج ڪندڙن پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا لڳايا مظاهرين حڪومت سنڌ آبپاشي کاتي ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ٺِڪراٺو ( رپورٽ )ٺڪراٺي ۾ آبادگارن ۽ ھارين مبارڪپور مائينر بمبلي مائينر ۽ لٺ مائينر ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو آھي احتجاج ڪندڙن پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا لڳايا ان موقعي تي احتجاجي مظاھري ۾ شامل آبادگارن ۽ ھارين سروري شھزاد راڄڙ محمد عمر مھر حاجي چنڊ مھر بسم الله مھر منظور احمد مھتم واحد بخش ملڪ ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو آھي ته گھوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ مبارڪپور مائينر لٺ مائينر ۽ بمبلي مائينر ۾ ھن مھل تائين پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو آھي جنھن سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آھي پکي پکڻ به اڃُ مري رھيا آھن ھنن چيو ته وڏا زميندار بيڪو مشينن ذريعي فصل جي پوکائي ڪري رھيا آھن جڏھن ته غريب ماڻھو ھن مھل تائين ڦٽي جي پوکائي نه ڪري سگھيا آھن احتجاج ڪندڙن آبپاشي کاتي جي اختيارين وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ سيد خورشيد شاھ کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي ٽنھي مائينرن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي مظاهرين واهن ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ تي احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ جو پڻ چتاء ڏئي ڇڏيو