مڪلي ڀرسان درگاھ محمد علي پير وٽ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي ڪراچي اورنگي ٽائون کان ٺٽي ايندڙ بس تيز رفتاري سبب بس ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار 6 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 26 کان مٿي زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، حادٿي سبب فوت ٿي ويلن ۾ اسداللہ، ارباب، محمد رئوف، بشير، احسان اللہ ۽ ابرار علي شامل آھن، ياد رھي تہ ڪراچي واسي ڪينجهر ڍنڍ گهمڻ لاء ايندي حادثي جو شڪار ٿيا آھن، جڏھن تہ صبح کان وٺي تيز طوفاني برسات جو پڻ مڪلي، ٺٽو، جھمپير، جنگشاھي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ وسڪارو وقفي وقفي سان جاري آھي، برسات سبب زخمين توڙي فوتين کي اسپتال پھچائڻ ۾ پڻ ڪافي مشڪلاتون پيش ايون اطلاع ملڻ تي اي سي ٺٽو، جماعت اسلامي جي عبدالله آدم گندرو، محمد علي سنڌي ۽ ٻيا پڻ سول اسپتال مڪلي پھچي ويا آھن، زخمين ۽ فوتين کي 1122 ۽ ايدھي ايمبولينس ذريعي اسپتال پھچايو ويو، جڏھن تہ زخمين جا نالا معلوم ناهن ٿي سگهيا. سمورا زخمي ۽ فوتي جماعت اسلامي جا ڪارڪن ٻڌايا ٿا وڃن، جيڪي ڪينجھر ڍنڍ تي تفريح ملھائڻ لاء بس ۾ ايندي بس کاھي ۾ ڪرڻ ڪري حادثي جو شڪار بڻيا.