ٺٽو: ڪراچي کان تفريح جي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ ويندڙن جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب ٺٽه ويجهو چليا واري هنڌ تي ٽرڪ ۽ وين ۾ ٽڪر ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.ذريعن موجب قذافي ٽائون ڪراچي جا رهواسي وين ۾ سوار هئا ته چليا جي هنڌ تي ٻئي رستي کان ايندڙ ٽرڪ سندن وين کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نعمان، عبيد عالم، سيف الله، عدنان، عبدالله، محمد فيصل، نورالله، تسبيح الله ۽ قيصر جي نالي سان ٿي آهي.حادثي کان پوءِ ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته لاش ڪراچي سهراب ڳوٺ جي مرده خاني منتقل ڪيا ويا آهن.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ٺٽي حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪامران ٽيسوري زخمين جي علاج جي هر ممڪن سهوليت ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.