ٺڪراٺو ( رپورٽ) ڪجھ ڏينھن جي ٺاپر کانپو۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر چور ٻرن مان نڪري آيا آھن مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي ٺڪراٺو وچ شھر مان پورھيت ڄام بگٽي جي نامعلوم چور جوس جي دڪان ٻاھران بيٺل سي ڊي 2024 ماڊل رجسٽريشن نمبر SKN 7236 موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا چوري جو اطلاع پورھيت پاران مبارڪپور پوليس کي ڏنو ويو پوليس پھچي تفصيل ورتا پورھيت ڄام بگٽي ٻڌايو ته اوڏڪي دڙي ۾ چوپائي مال جي چاري جي سانگي سان ويٺا آھيون نامعلوم چور وچ شھر مان موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا آھن ھن مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايڇ او مبارڪپور چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي پريشاني دور ڪئي وڃي.