ٺڪراٺو : تعلقي پني عاقل جي شھر ٺڪراٺو جي يوسي روپھر جا جديد دور ۾ به بنيادي مسئلا حل نه ٿيا روڊ رستا تباھ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا تعليم صحت سميت ٻين سھولتن جي کوٽ ماڻھو پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور ترقياتي ڪمن ۾ چونڊيل نمائندن يوسي روپھر کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو واٽرسپلائي اسڪيم سئي گئس ٽف ٽائيل ۽ نالين جي تعمير سميت ٻين سھولتن جي کوٽ رھواسين جو يوسي روپھر کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو پيپلزپارٽي قيادت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ٺڪراٺو(رپورٽ )تعلقي پني عاقل جي شھر ٺڪراٺو جي يوسي روپھر جا جديد دور ۾ به بنيادي مسئلا حل نه ٿيا آھن روڊ رستا تباھي جو منظر پيش ڪري رھيا آھن تعليم صحت سميت ٻين سھولتن جي مڪمل کوٽ سبب شاگرد ٻين شھرن ڏانھن تعليم حاصل ڪرڻ لا۽ وڃڻ تي مجبور آھن توڙي جو مريض ويچارا ٻين شھرن سکر پني عاقل خانپور مھر روھڙي گھوٽڪي مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آھن جنھن سبب ماڻھو پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن پيپلزپارٽي جو ڳڙھ سمجھي ويندڙ يوسي روپھر کي ترقياتي ڪمن ۾ چونڊيل نمائندن يوسي روپھر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي واٽرسپلائي اسڪيم سئي گئس ٽف ٽائيل نالين جي تعمير نه ٿي سگھي آھي انھي حوالي سان يوسي روپھر جي رھواسين فقير محمد مھر نظام الدين قاضي مھتاب علي مھر دلدار منگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تعلقي پني عاقل جي وڏي شھر ٺڪراٺو جون 2 وڏيون يوسيون مبارڪپور ۽ روپھر آھن مبارڪپور يوسي ۾ پيپلزپارٽي جي نمائندن طرفان رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آھن رڳو اسانجي يوسي روپھر جا جديد دور ۾ به بنيادي مسئلا حل نه ٿيا آھن مختلف ڳوٺن ڏانھن ايندڙ ويندڙ روڊ ۽ رستا تباھ حالي جو شڪار آھن ھاير سيڪنڊري جي تعليم ناھي رڳو مڊل اسڪول ٺھيل آھي صحت سميت ٻين سھولتن جي کوٽ سبب ماڻھو پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ھنن چيو آھي ته ترقياتي ڪمن ۾ چونڊيل نمائندن يوسي روپھر کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي يوسي روپھر ۾ واٽرسپلائي اسڪيم سئي گئس ٽف ٽائيل نالين جي تعمير سميت ٻيون سھولتن ھن وقت تائين نه ملي سگھيون آھن جنھن سبب ھتان جو عوام کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھي سئي گئس جي سھولت نه ھجڻ سبب ماڻھو ڪاٺيون ٻاري رڌُ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آھن ٽف ٽائيل ۽ نالين جي تعمير نه ٿيڻ ڪري گھرن جي نيڪال لا۽ رھواسي سخت پريشان آھن ھنن چيو ته يوسي روپھر جو عوام ھر ڀيري پيپلزپارٽي جي نمائندن خورشيد شاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو پيو اچي پر ان باوجود ھي ڀيري نظرانداز ڪيو ويو آھي ھتان جي رھواسين پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ تڪ مان چونڊيل نمائندن سيد خورشيد شاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پني عاقل جي وڏي يوسي روپھر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي عوام کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن.