ٺڪراٺو : سويڊش حڪومت پاران پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف مبارڪپور شهر جا سوين شهري روڊن تي نڪري آيا قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف شهر مان احتجاجي ريلي ڪڍي مين چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي ۾ سويڊش حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي هر طرف الله اڪبر ۽ حُرمتِ قُرآن پر جان بھی قربان ہے جا اڀ ڏاريندڙ نعرا گونجندا رهيا ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور جي شھرين سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاھري ۾ مختلف مذھبي جماعتن جي اڳواڻن شھرين ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سوئيڊن سرڪار خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن حسيني محمد سليم منگي , فقير واحد بخش سومرو, نظير خان مهتم , فقير صلاح الدين ڀٽي , عمران مهتم ۽ ٻين چيو ته قرآن شريف جي سوئيڊن ۾ ٿيل بيحرمتي واقعي کانپو۽ سموري مسلمانن جي دل آزاري ٿي آھي جنھن سبب ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ ڏک جي لھر ڇانيل آھي قرآن شريف الله سائين جو پاڪ ڪتاب آھي جيڪو ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد ﷺ مٿان نازل ٿيو ان جي بيحرمتي ڪرڻ وارن واقعن کي ڪڏھن به مسلمان قبول نه ڪندا احتجاج ڪندڙن پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته سوئيڊن ملڪ سان سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن ۽ پنهنجي ملڪ مان سويڊش سفارتڪار کي تڙيووڃي اھڙن واقعن کي روڪڻ لاء ڪي جوڳا قدم کنيا وڃن.