ٺڪراٺو: سکر ضلعي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مفت ويٽرنري ڪيمپون، هزارين جانورن جي مفت ويڪسين ۽ علاج

    ٺڪراٺو (رپورٽ) سکر ضلعي ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ اينيميل هسبينڊري کاتي عوامي سهولت لاءِ مختلف علائقن ۾ مفت ويٽرنري ڪيمپون قائم ڪيون آهن، جتي مالوندن جا ڍور ڍڳا ۽ ٻيا پالتو جانور بيمارين کان بچاءَ لاءِ مفت چيڪ اپ ۽ حفاظتي ويڪسين حاصل ڪري رهيا آهن۔ پٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر پير بخش لغاري ٻڌايو ته کاتي جون ٽيمون توڏل شاهه، ڪيٽل ڪالوني سکر، پي پوائنٽ روهڙي، بچل شاهه مياڻي، سومرا پنهواري پنو عاقل، پراڻو سکر ۽سلطانپور سميت اهم علائقن ۾ سرگرم آهن، جتي هزارين جانورن کي مفت علاج ۽ ويڪسين ڏني پئي وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته برساتي صورتحال ۽ موسمي بيمارين کي نظر ۾ رکندي، مالوندن کي به آگاهي ڏني پئي وڃي ته هو وقت سر پنهنجي ڍورن کي ڪيمپن ۾ آڻين ته جيئن جانورن کي بيمارين کان بچائي سگهجي۔ڊاڪٽر لغاري مطابق:ضلعي سکر ۾ 1 لک 22 هزار 36 جانورن کي بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين ڏني وئي۔1734 بيمار جانورن جو علاج ڪيو ويو۔1288 جانورن کي پيٽ جي ڪيڙن جي دوا پيئاري وئي۔ان سان گڏ هڪ موبائل يونٽ به ضلعي جي ڳوٺن ۽ يونين ڪائونسلن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي۔ضلعي ۾ ڪنهن به وچڙندڙ بيماري جي رپورٽ ناهي، جڏهن ته علائقي جي مالوندن ۽ سماجي ماڻهن لائيو اسٽاڪ کاتي جي قدمن کي ساراهيو آهي۔ انهن جو چوڻ آهي ته هن مهم سان نه رڳو جانورن ۾ بيماريون گهٽجي رهيون آهن، پر مالوندن تي ٿيندڙ خرچ ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي۔