ٺڪراٺو : لڳ نينگر واٽر ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جولاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام امڙ کي بيهوشيء جا دورا ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ گهٽي واسي راهب علي ملڪ جو 8 سالن جو نينگر اميرعلي ڳوٺ ٻاهران واٽر ۾ تڙ ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويو نينگر ڳوٺ ٻاهران هلندڙ واٽر ۾ تڙ ڪرڻ لاء گهران ويو هو واٽر ۾ پاڻي زياده هجڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جو لاش ڳوٺاڻن واٽر مان ڪڍڻ بعد گهر آندو فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو نينگر جي امڙ کي بيهوشيء جا دورا نينگر جي اوچتي موت جو ٻڌي سوين ماڻهون مائٽ ۽ اوڙي پاڙا وارا فوتي نينگر جي والدين وٽ افسوس ڪرڻ لاء پهچي ويا ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو نينگر جي نماز جنازه بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو