ٺڪراٺو لڳ ڍنڍي ۾ بسپ پروگرام جي ڊوائس ايجنٽن جي بادشاهت تحت نادري فرمان جاري مسڪين عورتن لاء آيل وظيفي مان ڪٽوتي ڪرڻ ڏيو

ٺڪراٺو لڳ ڍنڍي ۾ بسپ پروگرام جي ڊوائس ايجنٽن جي بادشاهت تحت نادري فرمان جاري مسڪين عورتن لاء آيل وظيفي مان ڪٽوتي ڪرڻ ڏيو ته پوء ئي سينٽر کوليندا سين سوين عورتون نٽھن اس ۽ قهر جي گرمي ۾ سڄو سڄو ڏينهن بيهي شام جو گهر واپس وڃڻ تي مجبور بسپ پروگرام جا نمائندا پوليس توڙي مقامي انتظاميه بااثر ڊوائس ايجنٽن آڏو مجبور شڪايتن ڪرڻ باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو
ٺڪراٺو ويجھو ڍنڍي بي آئي ايس پي سينٽر 3 ڏينھن کان بند مستحق عورتون بنا قسط وٺڻ جي واپس سينٽر بحال ڪرڻ جو مطالبو BISP سکر جو آفيسر اخلاق ڀٽو رشوت نه ڏيڻ ڪري سينٽر بند ڪري ڇڏيو آھي ڊوائيز ھولڊرن جو الزام ٺڪراٺو ويجھو يوسي ڍنڍي ۾ قائم بي آ۽ ايس پي سينٽر 3 ڏينھن کان بند پيل آھي جنھن سبب مستحق عورتون سخت پريشان آھن ۽ قسط ڪڍرائڻ بنا واپس ٿي ويون آھن سينٽر تي موجود ڊوائيز ھولڊر کان پڇڻ تي ھُنن الزام ھڻندي چيو آھي ته بي آئي ايس پي سکر جو آفيسر اخلاق ڀٽو رشوت نه ڏيڻ تان ٽن ڏينھن کان سينٽر بند ڪري ڊوائيسن جون لوڪيشنون بند ڪري ڇڏيون آھن جنھن سبب ھتڙي قسط وٺڻ لا۽ ايندڙ ڪيتريون ئي مستحق عورتون بنا قسط وٺڻ جي واپس ھليون ٿيون وڃن ٻي پاسي پري پري کان پھتل مستحق عورتن ۽ ساڻن گڏ آيل مردن الله ڏنو ڀنڀرو عبدالڪريم ملڪ امجد شاھ ٻڍل ڪوري عزت خاتون عزيزان مائي ممتاز ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان خرچ ڪري پري پري کان پنڌ ڪري تڪليفن ڪاٽي سينٽر تي اچون ٿا ٽن ڏينھن کان ايجنٽن ڊوائسون بند ڄاڻائي سڄو ڏينھن انتظار ڪرائڻ بعد واپس ڪري ٿا ڇڏين ھنن چيو ته اسان 6 سالن کان BISP ۽ ٻئي ملندڙ امدادي رقم ڍنڍي سينٽر تان وصول ڪندا آھيون ھتي ھر سھولت موجود آھي ھنن لاڳاپيل انتظاميا سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي BISP سينٽر ڍنڍي بحال ڪرائي علائقي واسين جي بيچئني ختم ڪئي وڃي.