ٺڪراٺو : مبارڪپور واسي زخمي زخمن جا سور نه سهندي گمس اسپتال گمبٽ ۾ فوت ٿي ويو ڪالھ پنوعاقل ۾ موٽر سائيڪل جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ زخمي زخمن جا سور ن سهندي گمبٽ جي گمس اسپال ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪري ڇڏيو فوتي جو لاش ايمبولنس ذريعي گمبٽ کان مبارڪپور آندو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام علائقي ۾ سوڳ ٺڪراٺو ( رپورٽ )مبارڪپور واسي45 ورهين جو ٺيڪيدار محمد بخش ڀٽـي ڪالھ پنهنجي گهر واري سميت ڳوٺان پنوعاقل نادرا آفيس شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاء ويل هو جنهجو رستي ۾ موٽرسائيڪل سان آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو هو ٽڪر لڳڻ سبب ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا جن کي علاج پنوعاقل اسپتال نيو ويو هو زخمي محمد بخش ڀٽي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب پنوعاقل جي ڊاڪٽرن کيس گمبٽ جي گمس اسپتال ريفر ڪيو ويو هو جنهنکي وارثن گمس ۾ داخل ڪرايو هو جتي هن اڄ صبح جو گمبس اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيء حوالي ڪري ڇڏيو فوتي جو لاش ايمبولنس ذريعي ڳوٺ آندو ويو لاش گهر پهچندي گهر قهرام مچي ويو فوتي جي جنازی نماز گلشن عید گاھ مبارڪپور ۾ ادا ڪئی وئي جنهن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو