ٺڪراٺو: مبارڪپور ٿاڻو جي حد ۾ چورين تي ظابطو نه اچي سگهيو بمبلي مائنر جي آرڊي 89 وٽان پنوعاقل واسي مزدوري تي آيل پورهيت جي چائنه موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري ويا مبارڪپور پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر پوليس پنهنجي روايتي سستي برقرار رکندي نه پهتي ايس ايڇ او موٽر سائيڪل مالڪ کي ٿاڻي تي گهرائي تفصيل ورتا پورهيت پاران ايس ايس پي سکر کي موٽر سائيڪل موٽرائي ڏيڻ جي اپيل ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ اسلم راڄڙ وٽان بمبلي مائنر جي آر ڊي 89 وٽان موٽرسائيڪل چائنه ڪرائون ماڊ 2019 نامعلوم چور چورائي ويا پنوعاقل واسي سردار بخش عالماڻي ڳوٺ اسلم راڄڙ ۾ ڪاٺين جي مزدوري تي آيل هو جيڪو بمبلي مائنر تي موٽر سائيڪل بيهاري ٻھ ٽي ايڪڙ پري ڪاٺيون وڍي رهيو هو ته انجي موٽر سائيڪل ٻھ نامعلوم چور چورائي ويا موٽر سائيڪل مالڪ جي پري کان موٽر سائيڪل نظر نه اچڻ تي ڪم ڇڏي اتي پهتو ته ٻن ماڻھن جو پيرو لڳو جيڪي موٽر سائيڪل ڪاهي ويا جنهن بعد ان ڳوٺ وارن کي اطلاع ڏنو جن ڳوٺ مان جاچ ڪئي پر موٽر سائيڪل جو ڪو به ڏس پتو نه پيو مبارڪپور پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو سين پر پوليس هن مهل تائين ناهي پهتي ايس ايڇ او اعجاز جسڪاڻي سان رابطي ٿيڻ