“ٺڪراٺو واسي ٽيڪسي ڊرائيور سکر ۾ قتل، لاش رکي احتجاج – وارثن قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو”

ٺڪراٺو : ٺڪراٺو واسي ٽيڪسي ڊرائيور سکر ۾ ھٿياربندن ھٿان گوليون ھڻي قتل مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي قھرام وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاء لاش رکي احتجاجي مظاھرو اسانجي ڪنھن سان به دشمني ناھي اسانجو ھمراھ سکر ۾ ٽيڪسي ڪار ھلائيندو ھو جتي رات دير جو اي سيڪش ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن کيس گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ايس ايس پي سکر ناحق قتل ٿيل ھمراھ جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڏياري مطالبو ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو جي ڳوٺ آرڪوھر واسي ٽيڪسي ڊرائيور الھڏنو راڄڙ پٽ بيگ فقير کي سکر ۾ رات دير سان نامعلوم ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو مقتول جو لاش ايمبولينس ذريعي گھر آندو ويو لاش گهر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو وارثن طرفان قاتلن جي گرفتاري لا۽ ٽيڪسي ڊرائيور الھڏنو جو لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙ وارثن رمضان راڄڙ محمد صالح محمد علي آچر علي خان راڄڙ ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳايو ته اسانجو ھمراھ الھڏنو راڄڙ گھڻي وقت کان سکر شھر ۾ ڪار ٽيڪسي تي ھلائي گھرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو ھو جنھن کي نامعلوم ھٿياربندن رات دير سان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گوليون ھڻي قتل ڪري وڏو ناحق ڪيو آھي جڏھن ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي سکر ۾ ناحق قتل ٿيل الھڏنو راڄڙ جا قاتل جلد گرفتار ڪري اسانکي انصاف ڏنو وڃي.