“ٺڪراٺو ويجهو قتل جو معاملو نئين موڙ تي: گھرواري ۽ سئوٽ تي الزام، جنسار ڇڄڻ جي قبرڪشائي عدالتي حڪم تي مڪمل”

ٺڪراٺو ويجھو پنج مھينا اڳ گھرواري ۽ سئوٽ ھٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻي جنسار ڇڄڻ جي عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪئي وئي ڳوٺ قيصر ڇڄڻ واسي قتل ٿيل جنسار ڇڄڻ جي عدالتي حڪم تي سول جج پنوعاقل جي نگراني ۾ ميڊيڪل بورڊ سکر جي ٽيم سخي سلطان قبرستان ۾ قبرڪشائي ڪري جزا حاصل ڪري ورتا پنج مھينا اڳ ڳوٺاڻو جنسار ڇڄڻ فوت ٿي ويو هو فوتي جي ڀاءُ حبدار ڇڄڻ سندس قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ھو جنھن بعد مبارڪپور پوليس قتل ٿيل جنسار ڇڄڻ جي گھرواري نجمہ ڇڄڻ ۽ سندس سئوٽ تي ڀاءُ حبدار ڇڄڻ جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ھو مبارڪپور پوليس موجب ڪجھ وقت اڳ گرفتار ٿيل گھرواريءَ نجمہ ۽ سندس سئوٽ فوت ٿيل جنسار ڇڄڻ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ھو ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايڇ او عبدالحميد مھر رابطي تي ٻڌايو ته ميڊيڪل بورڊ سکر جي ٽيم عدالتي حڪم تي قتل ٿيل جنسار ڇڄڻ جي سول جج پنوعاقل جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪري جزا حاصل ڪري ورتا آھن جيڪي ليبارٽري اماڻيا ويندا رپورٽ اچڻ بعد معاملي جي حقيقت معلوم ٿي ويندي