ٺڪراٺو ويجهو ڳوٺ سانوڻ فقير مڱريو ۾ زمين جي مالڪي تان مڱريا برادري جي ٻن ڌرين علي محمد ۽ ڪمال مڱريو ۾ جهيڙو

ٺڪراٺو ويجهو ڳوٺ سانوڻ فقير مڱريو ۾ زمين جي مالڪي تان مڱريا برادري جي ٻن ڌرين علي محمد ۽ ڪمال مڱريو ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺين سروٽن ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال سبب ٻنهي ڌرين جا ڇھ ڄڻا زخمي ٿي پيا علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا جنهن ۾ هڪ ڌر جاچار ڄڻا امام بخش عبدالرحمان يار محمد ۽ سخي مڱريو جڏهن ته ٻي ڌر جا صدام ۽ مکڻو مڱريو زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث ڌار ڌار مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي آيا جتان پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال موڪلي ڇڏيو جڏهن هڪ ڌر جي ڪمال مڱريو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته زمين جي معاملو آهي جنهن ۾ درگاھ شريف پير ڳوٺ ۽ جماعت جي مک ماڻهن پاران 12ربيع الاول کانپوء اسان جون ڳالهيون رکيل هيون پر اڳلي ڌر صبح جو منع ٿيل زمين ۾ هر ڪاهڻ لڳا جنهن تي اسان منع ڪيو سون ته انهن حملو ڪري اسان جا ماڻهون زخمي ڪري ڇڏيا آهن ٻي ڌر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش .ڪئي پر ان ڌر سان رابطو نه ٿي سگهيوهوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور عبدالرحمان ڪاڪيپوٽو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته مڱريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو آهي جنهن ۾ ڇھ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون