ٺڪراٺو ويجھو مهر برادري جي مردن , عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو شيخ برادري پاران مبينا زمين تي قبضو ڪرڻ  ۽ مختلف الزام هڻڻ خلاف ٺڪراٺو پنوعاقل لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري   ڌرڻو هنيو مظاهرين ڊ سي سکر اي سي ۽ مختيارڪار پنوعاقل کي اپيل ڪئي ته شيخ برادري پاران زمين جي کاتن هجڻ جي ڪوڙي دعوا ڪندڙن شيخ برادري وٽ موجود ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي

ٺڪراٺو ويجھو مهر برادري جي مردن , عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو شيخ برادري پاران مبينا زمين تي قبضو ڪرڻ  ۽ مختلف الزام هڻڻ خلاف ٺڪراٺو پنوعاقل لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري   ڌرڻو هنيو مظاهرين ڊ سي سکر اي سي ۽ مختيارڪار پنوعاقل کي اپيل ڪئي ته شيخ برادري پاران زمين جي کاتن هجڻ جي ڪوڙي دعوا ڪندڙن شيخ برادري وٽ موجود ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ڏکڻ مھر ۾ مھر برادري جي ماڻھن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ شيخ برادري جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي مظاهرين آصف علي محمد ڇٽل زوھيب علي مائي شفيعت مائي اميران شاھدان مھر ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي الزام لڳايو آھي ته شيخ برادري جا ماڻھون غوث بخش خير محمد غلام نبي ۽ ٻيا اسانجي کاتي واري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ مختلف طريقن سان حراسان ڪري شريف ماڻھن جي ساک کي متاثر ڪري رھيا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته شيخ برادري جا ماڻھو اجايو چار ايڪڙ زمين جي مالڪي واري دعوا ڪري رھيا آھن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھين ٿا جڏھن ته زمين جو کاتو اسانجو آھي احتجاج ڪندڙن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شفاف جاچ ڪرائي شرپسندي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.احتجاج ڪندڙن  ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو ته شيخ برادري پاران اسان تي الزام ھنيو هو  ته مھر برادي انهن جي چار ايڪڙ زرعي  زمين تي قبضو ڪري ويٺا آھن ۽ عورتن مردن تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ھو  جيڪو سراسر بي بنياد ۽ اسان کي بدنام ڪرڻ جي هڪ سازش آهي هنن وڌيڪ چيو ته ديھ ڍنڍ مرهياڙي ۾ ٻھ سئو کان وڌيڪ اسان جي زعي زمين آھي جيڪا اسان جي وڏن جي ذاتي ملڪيت آهي جيڪا اسان پنجاھ سال کان کيڙيندا  پيا اچون شيخ برادري جي ماڻھن کي اسان جي وڏن ڳوٺ ڏکڻ مهر ۾ هارپي ڪرڻ سبب اتي ويهاريو هو هاڻ هو  شرپسند ماڻھن جي چوڻ تي زمين تي ڪوڙي مالڪي واري دعوا ڪري رھيا آھن لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن هوڏانهن شيخ برادري جي ضمير شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مھر برادري جا بااثر آصف علي خان مھر شاھد علي زوھيب ڇٽل مھر قائم الدين مھر اسانجي چار ايڪڙ زرعي  زمين تي قبضو ڪري ويٺا آھن ۽ گذريل ڏينھن عورتن مردن تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ھنن چيو ته مبارڪپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او اعجاز جسڪاڻي بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي ابتو اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي