ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺاڻن روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ زمينن مان مٽي کڻڻ تي ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن فقير محمد سومار مھر منور علي سونو لال بخش عبدالسميع خالق ڏنو جھنگل مھتم ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳائيندي چيو آھي ته تازو ٺڪراٺو کان خانپور مھر تائين ٺھندڙ مين روڊ جي ڪم دوران ٺيڪيدار ڪرين مشينن ذريعي اسانجن زمينن ۾ وڏا کڏا ھڻائي روڊ کان 50 فوٽن تائين مٽي کڻائي رھيو آھي جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آھي ھنن چيو آھي ته زمينن مان مٽي کڻائڻ سبب اسانجي فصلن توڙي ٻنين جو نقصان ٿي رھيو آھي ٺيڪيدار کي منع ڪرڻ باوجود مٽي کڻڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگھيو آھي احتجاج ڪندڙن سنڌ سرڪار سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي زمينن مان غيرقانوني مٽي کڻڻ وارو سلسلو بند ڪري اسانکي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي