ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺاڻي جو شرپسندن پاران غيرقانوني طور تي زمين مان واٽر ڪڍڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ واري

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺاڻي جو شرپسندن پاران غيرقانوني طور تي زمين مان واٽر ڪڍڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج غلام رضا شاھ ڏوھاري سان گڏجي ھٿيارن جي زور تي اسانجي ذاتي زمين مان واٽر کوٽرائي ھارين مٿان فائرنگ ڪئي ايس ايڇ او سنڱرار ڏوھارين قسم جي ماڻھن سان ٻٽ بڻيل آھي اسانجي ھڪ به نٿو ٻڌي ڊي آ۽ جي ۽ ايس ايس پي سکر شفاف انڪوائري ڪرائي غلام رضا شاھ ۽ سندس ساٿاري ٽولي مٿان ڪيس داخل ڪري تحفظ ڏياري ڳوٺاڻي نعيم حيدر شاھ جو الزام ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو ويجھو سنڱرار ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيرائي واسي سيد نعيم حيدر شاھ زمين مان غيرقانوني طور تي واٽر کوٽرائڻ ۽ ھارين مٿان فائرنگ ڪرڻ وارص واقعي خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ سيد نعيم حيدر شاھ چيو ته سيرائي ۾ منھنجي والد صاحب جي زمين آھي جتي غلام رضا شاھ ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندڙ ڏوھاري قسم جي ماڻھن کي ويھاري ڇڏيو آھي جن سان گڏ ھُن ڪجھ ڏينھن اڳ ھٿيارن جي زور تي ڪرين گھرائي واٽر ڪڍرايو آھي ۽ ھارين مٿان فائرنگ ڪئي جنھن معاملي جو اطلاع اسان سنڱرار ٿاڻي جي ايس ايڇ او گل حسن سومرو کي ڏنو پر ھن ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڏوھارين جو ساٿ ڏنو ۽ اسانجي ھڪ به نه ٻڌي احتجاج ڪندڙ الزام لڳايو ته غلام رضا شاھ خونريزي ڪرڻ چاھي ٿو پر پوليس معاملي کي ننڍو ٿي سمجھي احتجاج ڪندڙ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي غيرقانوني زمين مان واٽر کوٽرائيندڙ ۽ فائرنگ ڪندڙ ھٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.