ٺڪراٺو ڀرسان نجي اسڪولن ۾ ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ سيرت النبي ﷺ جا الڳ الڳ پروگرام منعقد ڪيا ويا، جن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ردا زهره ٽالپر ۽ پنوعاقل جي سماجي اڳواڻ رفيق احمد سومرو خصوصي شرڪت ڪئي۔ پروگرامن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪوئيز ڪامپيٽيشن، تقريرن ۽ نعتن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي حوصلا افزائي طور انعام ڏنا ويا۔ ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ راڻو مهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان هلندڙ سنڌ پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ آپريٽر وزير علي مهر ۽ پرنسپال نثار احمد مهتم پاران ميلادالنبي ﷺ جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو۔ مقررن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪه ۽ زندگيءَ تي روشني وجهندي چيو ته حضور ﷺ جي سنتن تي هلڻ هر مسلمان لاءِ ايمان ۽ نجات جو ذريعو آهي، جڏهن ته ميلادالنبي ﷺ سڀني عيدن کان وڏي خوشي آهي۔ ٻئي پاسي ٺڪراٺو ويجهو سنڌ ايجوڪيشن جي تعاون سان ھلندڙ عبدالمجيد ماڊل ايليمنٽري اسڪول ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جو شاندار انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خصوصي طور تي اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ردا زهره ٽالپر شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ شاگردن وچ ۾ ڪوئيز ڪامپيٽيشن، نعت شريف ۽ تقريرن جا مقابلا ڪرايا ويا۔ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اي سي ردا زهره ٽالپر، حافظ رفيق سومرو، محمد حسن منگي ۽ ٻين معزز مهمانن پاران انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي مهمانن چيو ته اهڙن پروگرامن سان شاگردن ۾ علمي ۽ ديني شعور وڌي ٿو ۽ سندن اعتماد به بلند ٿئي ٿو۔ شاگردن ۽ نعت خوانن حضور ﷺ جي شان ۾ نعتون ۽ مولود پڙهيا، جڏهن ته اسڪولن جي استادن، شاگردن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري عاشقانِ رسول جو جوش ۽ محبت ظاهر ڪيو۔ تقريب دوران هر طرف “يا رسول الله ﷺ” جا نعرا گونجندا رهيا۔