“ٺڪراٺو ۾ شاھ لطيف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جو سنڌو مٿان ڪئنال خلاف احتجاج، ريلي ڪڍي سخت نعريبازي”

ٺڪراٺو : ۾ شاھ لطيف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن سنڌو مٿان ڪئنال ٺاھڻ خلاف اسڪول کان احتجاجي مظاھرو ڪري ٽيليفون اسڪچينج تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي احتجاجي مظاھري ۽ ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ استادن نور احمد مھتم محمد حسن منگي خليل احمد گل اشفاق سومرو مير حسن منگي قطب الدين مھتم پرويز حسن منگي امان الله مھتم ۽ ٻين چيو ته وفاق طرفان سنڌو مٿان ڪئنال ڪڍي لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻائڻ واري سازش کي اسان ڪنھن به ريت ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌو جي بقا خاطر ٻٻرلوء ۾ وڪيل سراپا احتجاج آھن ھنن چيو ته اسانجي احتجاج جو مقصد به وڪيلن سان ھمدردي ڪرڻ ۽ ڪئنالن خلاف آھي احتجاج ڪندڙ استادن ۽ شاگردن وفاق سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌو مٿان ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو جلد کان جلد واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.