ٺڪراٺو : ۾ ماتمي جلوس برآمد ياحسين عه جو سدائون بلند سبيلن جا اسٽال لڳايا ويا

ٺڪراٺو : ۾ ماتمي جلوس برآمد ياحسين عه جو سدائون بلند سبيلن جا اسٽال لڳايا ويا گھرن مٿان غازي جا علم ڦڙڪايا ويا خبر موجب ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي ۾ ستين محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ڍنڍي ۾ سيد عنايت شاھ جي پڙ تان ستين محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جنھن ۾ مختلف شھرن ۽ ڳوٺن کان عزادار شريڪ ٿي نوحا خواني ۽ سيني جو ماتم ڪري اسلام جي سربلندي لا۽ لازوال قربانيون ڏيندڙ امام حسين عه ۽ سندس جانثارن سان محبت جو اظھار ڪيو ۽ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ۽ ماتمي قافلي جي گذرگاھن وارن رستن کي سيل ڪيو ويو وٿي وٿي تي عزادارن ۽ ٻين مسافرن لا۽ مومنن پاران سبيلن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا برآمد ٿيل ماتمي جلوس بھرام ملڪ جي پڙ تي برآمد ٿيندو جڏھن ته ماتمي جلوس جي اڳواڻي سيد سائين ڏنو شاھ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.