ٺڪراٺو : ۾ مبارڪپور واسي مھتم برادري جي ماڻھن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت مبينا زمين تي قبضي ۽ مبارڪپور پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو بااثر 6 ايڪڙ 14 ويصا قبولي زمين تي قبضو ڪري ويٺا آھن حملو ڪري اسانجا ماڻھو به زخمي ڪيا ويا پر مبارڪپور پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران سندن ونگار وھي پئي آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي زمين تي قبضو ختم ڪرائي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري مطالبو ٺڪراٺو(رپورٽ)ٺڪراٺي ۾ مبارڪپور واسي مھتم برادري جي ماڻھن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن ۽ مبارڪپور پوليس جي بي واجبين خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن احمد خان مھتم حاڪم علي دلبر اختر علي مائي عابدان مائي نوازان مائي ارشد مائي عالمان مائي ڀاني مھتم ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو ته بااثر ماستر علي گل مھتم علي اصغر حاجي نظر گل اسلم بشير شفيع محمد افضل شھمير علي پرويز علي مھتم ۽ ٻيا ۽ ڏاڍ ڪري اسانجي 6 ايڪڙ 14 ويصا قبولي زمين تي قبضو ڪيون ويٺا آھن ۽ زمين مان ھٿيارن جي زور تي غيرقانوني طور تي رستو ڪڍي رھيا آھن ھنن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ بااثر ماڻھن حملو ڪري اسانجي مردن ۽ عورتن حاڪم عالم دلبر ۽ عابده مھتم کي سخت زخمي ڪيو ھو مبارڪپور ٿاڻي تي اھڙي شڪايت کڻي ويا آھيون پر پوليس ھن مھل تائين ھڪ به جوابدار گرفتار ناھي ڪيو ابتڙ جوابدارن جي ونگار وھي پئي جڏهن ته ٻي ڌر جي علي گل مھتم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي گھر ۽ زمينون ڏانھن وڃڻ لاء قانوني طور ھنن جي زمين مان رستو مليل آھي جيڪو ھي بند ڪرڻ چاھين ٿا باقي زمين تي قبضي جا الزام آھن احتجاج ڪندڙن آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.