ٺڪراٺو ۾ يوم دفاع جي شاندار تقريب

ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو ويجهو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ عبدالمجيد ماڊل ايليمينٽري اسڪول مبارڪ مهر ۾ يوم دفاع جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ــ حفيظه، زبيده، شازيه، منور علي، رحمت علي، ديدار علي، نصيب الله ۽ ٻين ــ جذباتي تقريرون ڪري ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙ قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪئي. شاگردن طرفان پيش ڪيل ٽيبلوز پڻ حاضرین کان داد وصول ڪيو. استادن ۽ شاگردن گڏجي عزم ظاهر ڪيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽبا. پروگرام جا انتظام اسڪول آپريٽرن ۽ استادن ــ محمد حسن منگي، مبارڪ مهر، پرويز حسن منگي، نياز حسين مهتم، اشفاق سومرو، ساجد منگي، علي بخش مهتم، نويد مهر، امجد منگي، ماجد حسين سومرو ۽ بلاول مهتم ــ سنڀاليا. تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي آزادي ۽ 1965ع جي يوم دفاع تي قربانيون ڏيندڙ شهيدن لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.