“ٺڪراٺو ۾ پاڻي جي چوري: بااثر زميندارن ۽ آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سبب پوڇڙي سُڪي وئي، چوپايو مال اُڃايل مرڻ لڳو”

ٺڪراٺو : آبپاشي عملي پاران رشوت عيوض واهن جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف واهن جي پوڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري مالوند ماڻهن جو چوپايو مال به اڃ مرڻ لڳو ٺڪراٺو جي مختلف واهن بمبلي مائنر , مبارڪپور مائنر ۽ لٺ مائنر ۾ ڇڏيل پاڻي کي مقامي داروغن ۽ سرويئر ۽ ايس ڊي او پاران رشوت وٺي ڪري واهن تي سوين لفٽ مشينون هڻائي ڇڏيون آهن پوڇڙي جا آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا ٺڪراٺو(رپورٽ) ٺڪراٺي جي3واهن لٺ مائنر، مبارڪپورمائنر ۽ بمبلي مائنر جو پاڻي بااثر زميندار لفٽ مشينون لڳائي چوري ڪرڻ لڳا غريب هاري آبادگارن جا پوکيل فصل سڙڻ لڳا ڪيترائي آبادگار فصل پوکي نه سگهيا اسان جي پاڻي تي بااثر زميندار ۽ آبپاشي عملو ملي ڀڳت ڪري پاڻي وڪرو ڪري رهيا آھن جنهن خلاف ڪاروائي ڪري فصل سڙڻ کان بچايا وڃن پوڇڙي جا آبادگار ٺڪراٺي جي مختلف شاخن بمبلي مائينر مبارڪپور مائينر ۽ لٺ مائينرن ۾ بااثر زميندارن آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان لفٽ مشينون (پکا) لڳائي ڇڏيا پوڇڙي جا آبادگار ھاري زرعي پاڻي لاء پريشان بڻيل آھن فصل ته ٺھيو پر انسان توڙي جانور پکي اُڄ سبب تڙپي مرڻ لگا آھن آبپاشي عملدار لاڳاپيل انتظاميا نوٽيس وٺڻ کان لنوائي رھي آھي پوڇڙي جي آبادگارن ضمير حسين رند احمد حسن عابد حسين منگي غلام حسين راڄڙ ميهر مهتم ڄام ننڍو مهتم امام دين منڱريو نورحسن مهتم ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پھرين پاڻي جي شديد کوٽ آھي تمام ٿوري مقدار ۾ پاڻي اچي ٿو اهو به بااثر زميندار داروغن ۽ ٻين آپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري وک وک تي لفٽ مشينون لڳائي پوڇڙي جي آبادگارن جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي رھيا آھن جنھن سبب اسين پاڻي لاء پريشان آھيون ۽ اسان جو پوکيل ووئنڻ جو فصل پڻ سڙي رهيو آھي ۽ ڪيتيرائي هاري آبادگارن فصل پوکي ناھين سگھيا ھنن آبپاشي کاتي جي اعلئ آفيسرن سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته فورن نوٽيس وٺي بااثر زميندارن ۽ رشوت عيوض ڇوٽ ڏيندڙ عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري لفٽ مشينو ن بند ڪرائي پوڇڙي جي مسڪين آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻئي پاسي داروغي دلاور مھر رابطي تي ٻڌايو ته بااثر زميندارن کي ڪيترائي ڀيرار روڪيو آھي پر هو نٿا مڙن مون پنهنجي اعلي آفسيرن کي اطلاع ڏنو آھي غيرقانوني لفٽ مشينون ھلائيندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي