ٺڪراٺي ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن جا رهيل پگهار ۽ احتجاج

ٺڪراٺو/ٺڪراٺي۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن جو رهيل پگهارن ۽ کين پڪو ڪرڻ لاء احتجاجي مظاهرو نعري بازي رهيل پگهارون جاري ڪري پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت وزيراعلي هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو حقن جي حاصلات تائين جاري رهندو استاد اڳواڻن جو سنڌ سرڪار کي چتاءُ ٺڪراٺو/رپورٽ : ٺڪراٺي ۾ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيسڪ استادن کي رهيل پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ استاد اڳواڻن امام دين منڱريو پرويز مهتم نورحسن مهتم شوڪت مهر علي نواز سومرو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيدي چيو ته سيڪريٽري تعليم جي واعدي جي باوجود استادن جا بنيادي مسئلا حل نہ ٿي سگھيا جنهن ڪري مجبورن ڀلاري مھيني ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿياسين وڏي عرصي کان اسان پرائمري اسڪولن م ڊيوٽي ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي ء بيڪس استادن کي پڪو نہ ڪرڻ، سنڌ ڪابينا پاران منظور ڪيل ماھوار 37000 پگھار 9 مھينا گذرڻ باوجود نہ ملي سگھيو آهي ، استادن جو پگھار پرسنل آء ڊي نه ھئڻ ڪري ٽن مھينن کان پوء رشوت عيوض ڪرائڻ تي مجبور آھيون پرسنل آء ڊي لاء بار بار ڊيٽا بيس جو ليٽر نڪرڻ 9 مھينا گذرڻ باوجود ڊيٽا بيس جمع ناهي ٿي سگهي ۽ سروس رول جي خلاف استادن جي رٽائرمنٽ جي حد 60 سالن بدران 55 سال ڪئي وئي ان کي 60 سال ڪيو وڃي 2021 کان سنڌ گورنمنٽ ۾ چار سال گذرڻ باوجود سالياني انڪريمنٽ %5 چار سالن جي رھيل ناهي ملي سگهي ھنن اھو به مطالبو ڪيو ته کين ريگيولر ڪري پرائمري استادن کي ملندڙ سموريون مراعتو ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت م عيدالفطر کانپوء ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري وزير اعلي هائوس جو گهيراؤ ڪيو ويندو