ٺڪراٺي: ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف احتجاجي مظاھرو قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو خبر موجب ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾ قتل ڪيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا۽

ٺڪراٺي: ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف احتجاجي مظاھرو قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو خبر موجب ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾ قتل ڪيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ ٺڪراٺي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شھرين استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن محمد حسن منگي خليل احمد گل اشفاق سومرو مير حسن منگي شھزاد منگي عديل احمد منگي ڀائي خان مڱريو نصيب الله مھتم پرويز حسن منگي نور حسن منگي ۽ ٻين چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل رڳو ھڪ فرد جو قتل ناھي پر سنڌ جي شعور جو قتل آھي قبيلائي جھيڙن جي آڙ ۾ پڙھيل لکيل نوجوانن کي قتل ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪجي ٿي ھنن چيو آھي ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا وڃن جنھن جا ذميوار سنڌ جا حڪمران ۽ پوليس آفيسرز آھن جيڪي غنڊن ۽ ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل آھن احتجاج ڪندڙ آ۽ جي سنڌ سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته اجمل ساوند جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.