ٻوڏ جي پاڻي جتي زمينون تباهه ڪري ڇڏيون آهن اتي شهرين جي روزاني زندگي به مشڪل ٿي وئي آهي. لاهور ۾ سبزين ۽ فروٽ جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٽماٽو ۽ بصر اڻلڀ ٿي ويا آهن. لاهور ۾ ڪڪڙ جو گوشت سرڪاري ريٽ 595 روپيه في ڪلو آهي پر مارڪيٽ ۾ 600 کان 650 روپيه تائين وڪرو پيو ٿئي. صافي گوشت 720 ۽ بون ليس 1030 روپيه في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. ڀاڄين ۾ ٽماٽو 250، بصر 90، پٽاٽو 90، واڱڻ 200، ڀينڊي 200، ونگو 150 ۽ شمله مرچ 300 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. فروٽ ۾ به واڌ اچي وئي آهي. ڪيلو 150 روپيه في درجن، انگور 500 کان 600، صوف 250، آڙو 250، گرما 200 ۽ زيتون 150 کان 200 روپيه في ڪلو ۾ ملي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ به حالتون ساڳيون آهن. اتي ٽماٽو ۽ بصر منڊين مان غائب ٿي ويا آهن. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته فصل تباهه ٿيڻ سبب منڊي ۾ پهچ گهٽجي وئي آهي، حڪومت گهٽ قيمتن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿي پر اسان لاءِ اهو نقصان آهي. شهرين جو مطالبو آهي ته حڪومت قيمتن تي ڪنٽرول آڻي ۽ عام ماڻهوءَ جي سهولت لاءِ قدم کڻي.