ٻوڏ سبب کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ، قيمتن ۾ هوشربا اضافو

ملڪ ۾ ٻوڏ سبب جتي زرعي زمينون تباهه ٿي ويون آهن، اتي شهرين جي روزمره زندگي به ڏکيائيءَ ۾ اچي وئي آهي. لاهور ۽ اسلام آباد جي بازارن ۾ ڀاڄين ۽ فروٽ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون، جڏهن ته ڪجهه شين جي اڻ لڀ ٿيڻ سان شهري پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. لاهور ۾ گذريل ٻن هفتن دوران ڪڪڙ، ڀاڄين ۽ فروٽ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. سرڪاري ريٽ موجب ڪڪڙ جو گوشت 595 روپيه في ڪلو هجڻ گهرجي، پر مارڪيٽن ۾ 600 کان 650 روپيه، صافي گوشت 720 ۽ بون ليس هڪ هزار 30 روپيه في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. ڀاڄين ۾ به وڏو اضافو ٿيو آهي: ٽماٽا 95 جي بجاءِ 250 روپيه في ڪلو بصر 60 جي بجاءِ 90 روپيه پٽاٽو 70 جي بجاءِ 90 روپيه واڱڻ 100 جي بجاءِ 200ڀينڊي 150 جي بجاءِ 200 روپيه شمله مرچ 150 جي بجاءِ 300 روپيه فروٽ ۾ به قيمتون وڌي ويون آهن: ڪيلو 120 جي بجاءِ 150 روپيه في درجن انگور 400 جي بجاءِ 500–600 روپيه في ڪلو صوف 200 جي بجاءِ 250 روپيه آڙو 150 جي بجاءِ 250 روپيه زيتون 100 جي بجاءِ 150–200 روپيه في ڪلو اسلام آباد ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، جتي ٽماٽو ۽ بصر غائب ٿي ويا آهن. شهري شڪايت ڪن ٿا ته کاڌي پچائڻ لاءِ ضروري ڀاڄين کان سواءِ زندگي ڏکي ٿي وئي آهي، جڏهن ته دڪاندارن جو چوڻ آهي ته منڊي ۾ قيمتون تمام مٿي آهن، حڪومت جي مقرر ڪيل ريٽ تي وڪرو ڪرڻ سندن لاءِ نقصان وارو آهي. شهرين جو مطالبو آهي ته حڪومت سختي سان قيمتن تي عمل ڪرائي، پر واپارين جو موقف آهي ته ٻوڏ فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري قيمتون وڌڻ فطري ڳالهه آهي.