ٻوڏ متاثر علائقن جا بجلي جا بل معاف

حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بجلي جا بل معاف ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته توانائي واري وزارت ادا ڪيل بلن جي رقم واپس ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد خان لغاري ٻوڏ متاثر علائقن جا بجلي جا بل معاف ڪرڻ تي بيان ڏيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وقت تي ۽ عوام دوست فيصلي تي ٿورائتا آهيون.هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آگسٽ جي بجلي جا بل معاف ڪيا ويا آهن ۽ جن ماڻهن بل ادا ڪيا آهن، انهن کي جمع ٿيل رقم واپس ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بجلي جا بل معاف ٿيڻ جي فيصلي تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوامي رليف لاءِ وڏو قدم کڻندي آگسٽ جي بجلي جي بلن جي وصولي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي متاثر علائقن ۾ صارفين کان آگسٽ 2025 جي بجلي جي بلن جي وصولي کان فوري طور تي روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو.وزيراعظم چيو ته جن ٻوڏ متاثر صارفين کان آگسٽ 2025 جو بجلي جو بل وصول ڪيو ويو آهي، اها رقم ايندڙ مهيني ايڊجسٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي ۽ مشڪل جي هن وقت ۾ عوام جي ڏکن تي مرهم رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجون سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجن گهرن ۾ واپس نٿا وڃن، اسان سک سان نه ويهنداسين.