انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻيون ٽيسٽ ميچ ملتان ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي پاڪستاني ٽيم 366 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي آهي.ملتان ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پاڪستان کي محمد رضوان جي صورت ۾ نقصان برداشت ڪرڻو پيو جڏهن هو 41 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿيو، انهي کان پوءِ سلمان علي آغا 31 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.قومي ٽيم کي اٺون نقصان ساجد خان جي شڪل ۾ برداشت ڪرڻو پيو، ساجد 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو انهي کان پوءِ عامر جمال 37 ۽ نعمان علي 32 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.گذريل ڏينهن قومي ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهيون هيون. اڄ محمد رضوان 37 ۽ سلمان علي آغا 5 رنسن سان ٻئي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪئي هئي.پاڪستان ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. قومي ٽيم طرفان عبدالله شفيق 7، سعود شڪيل 4 ۽ ڪپتان شان مسعود 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.ڊيبيو ڪندڙ ڪامران غلام شاندار سينچري ٺاهي ۽ 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته صائم ايوب به 77 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ياد رهي ته انگلينڊ کي 3 ميچز جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل آهي.