سکر/خيرپور/ٻٻرلوء (پ_ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف يارهين ڏينهن به ٻٻرلوء ۾ وڪيلن جو ڌرڻو جاري، ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته سي سي آئي جو هنگامي اجلاس سنڌي قوم جي فتح جو پهريون ڏاڪو آهي، سي سي آئي ڪهڙو به فيصلو ڏي پر سنڌي قوم پنھنجي ڌرتي ۽ درياهه جي حفاظت لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪرڻ تائين هي جدوجهد جاري رهندي. نور احمد ڪاتيار چيو ته ڇهه نوان ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين لاءِ ٺاهيا پيا وڃن. ان ڪري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو مسئلو الڳ ناهي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي به دفن ڪرڻو آهي. نور احمد ڪاتيار چيو ته پيپلزپارٽي ڍونگ ۽ فراڊ ڪرڻ بدران 52713 ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن فوري طور واپس وٺي. هن مطالبو ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس ترميمي بل 2023 رد ڪيو وڃي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو جيڪو مٿي ڄاڻايل بل جي پاس ٿيڻ سان وجود ۾ آيو آهي، مڪمل ختم ڪيو وڃي. ان سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ سنڌ جي ڏنل زمين جي واپسي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ گورک هل جي زمين تي قبضن سميت ڪارونجھر جي ڪٽائي روڪي وڃي. سنڌ جي معدنيات کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري عوامي تحريڪ
03332736173.03483228962