ٻٻرلو: ٻٻرلو شھر ۾ جاري ڌرڻي دوران هڪ ايمبولينس کي ڏسندي وڪيلن انسانيت جو مظاهرو ڪندي فوري طور رستو ڏئي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ وڪيلن جو چوڻ هو ته احتجاج پنهنجا هنڌ تي، پر ايمرجنسي خدمتن ۾ ڪنهن به رڪاوٽ جي اجازت ناهي. ڌرڻي دوران جڏهن ايمبولينس سايرن وڄائيندي اڳتي وڌڻ لڳي ته موجود وڪيلن رستو صاف ڪري ايمبولينس کي ترجيح ڏني. ان عمل کي مقامي شهرين ساراهيو ۽ چڱي سوچ جو نالو ڏنو. ياد رهي ته ٻٻرلو ۾ وڪيلن جو ڌرڻو ڪجهه اهم مطالبن جي حمايت ۾ جاري آهي، پر انساني همدردي کي نظرانداز نه ڪندي، ايمبولينس کي رستو ڏيڻ جو فيصلو کين عوام جي نظر ۾ مثبت بڻائي ويو آهي۔