مشهور ٽائي ٽينڪ جهاز جي مسافر جو لکيل خط 11 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي رقم ۾ وڪرو ٿي ويو آهي. برطانيه ۾ ٿيل آڪشن ۾ ٽائي ٽينڪ جي مسافر ڪرنل آرچي بالڊ گريسي جو خط امڪاني رقم 60 هزار پائونڊ کان 5 ڀيرا وڌيڪ 3 لک پائونڊ ۾ وڪرو ٿي ويو. جهاز جو زنده بچي ويل مسافر ڪرنل گريسي جهاز جو فرسٽ ڪلاس مسافر هو هن ٽائي ٽينڪ ٻڏي وڃڻ کان 5 ڏينهن اڳ 10 اپريل 1912 تي اهو خط پنهنجي ويجهي مائٽ کي لکيو جيڪو 12 اپريل 1912 تي لنڊن پهتو. انهي خط ۾ هن ٽائي ٽينڪ جي باري ۾ لکيو ته اهو هڪ سٺو جهاز آهي پر مان پنهنجو سفر مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي انهي جي حوالي سان ڪا راءِ ڏئي سگهندس. ياد رهي ته ٽائي ٽينڪ جهاز 15 اپريل 1912 ۾ حادثي جو شڪار ٿيو هو جنهن ۾ 15 سئو کان وڌيڪ مسافر فوت ٿي ويا هئا.