ٽرمپ جو يورپي يونين کان ڀارت ۽ چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف جو مطالبو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت ۽ چين جي شين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، آمريڪي صدر اڱاري جي ڏينهن يورپي يونين جي اختيارين سان ٿيل گڏجاڻي ۾ اتحاد ۾ شامل ملڪن کي چيو ته چين ۽ ڀارت تي وڌيڪ تجارتي دٻاءُ وجهڻ لاءِ يورپي ملڪ به آمريڪا جو ساٿ ڏين. رپورٽ موجب ٽرمپ واضح ڪيو ته آمريڪا روسي تيل جي وڏن خريدارن چين ۽ ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف لڳائڻ لاءِ تيار آهي، پر اهو قدم تڏهن کڻندو جڏهن يورپي ملڪ به ساڳئي پاليسي اختيار ڪندا. آمريڪي صدر چيو: “اسان هن وقت اهو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون، پر اسان اهو تڏهن ئي ڪنداسين جڏهن يورپي اتحادي ملڪ به اسان سان گڏ هوندا.” واضح رهي ته آمريڪا اڳ ۾ ئي واپاري ڊيل نه ڪرڻ ۽ روس کان تيل خريد ڪرڻ تي ڀارت تي 50 سيڪڙو ۽ چيني شين تي 30 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي. هاڻي واشنگٽن انهن شرحين کي وڌائي 100 سيڪڙو ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.