ٽرمپ حڪومت خلاف آمريڪا سميت مختلف ملڪن ۾ احتجاج، پاليسيون واپس وٺڻ جو مطالبو

 آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ان جي صلاحڪار ايلون مسڪ جي پاليسين خلاف آمريڪا سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ به احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. تفصيل موجب ٽرمپ حڪومت جي پاليسين خلاف اڄ آمريڪا جي 50 رياستن سان گڏ ڪينيڊا، برطانيه، فرانس، جرمني، پرتگال ۽ ميڪسيڪو ۾ ٽوٽل ملائي 1200 هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. رپورٽ موجب (هينڊس آف) جي نالي سان ٿيندڙ احتجاج جي لاءِ نيويارڪ ۾ وڏي انگ ۾ مظاهرين جمع ٿي ويا آهن، جڏهن ته واشڻگٽن جي نيشل مال جي ٻاهران مظاهرن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي. رپورٽ موجب مظاهرين ٽرمپ ۽ ايلون مسڪ جي خلاف نعرا لڳائڻ سان گڏ آمريڪا ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي ۽ عوام مخالف پاليسيون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. مظاهرين اميگريشن پاليسين، واپاري محصولات، تعليمي بجيٽ ۾ ڪٽوتين ۽ ايلون مسڪ جي سربراهي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي طرفان وفاقي نوڪرين ۾ ڪيل 2 لک کان وڌيڪ ڪٽوتين سخت خدشن جو اظهار ڪيو آحي.  يورپ ۾  به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، برلن، فرينڪفرٽ، پيرس ۽ لنڊن ۾ رهندڙ آمريڪي شهرين احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي. برلن ۾ ٽيسلا جي شوروم جي ٻاهر مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رهيا هئا جن تي ايلون چپ رهو، ڪنهن به اوهان کي ووٽ نه ڏنو آهي، جهڙا نعرا لکيل هئا. هنن جو مطالبو آهي ته حڪومت فوري طور تي عوام دشمن پاليسين کي واپس وٺي ۽ حقيقي نظام کي بحال ڪري.