ٽنڊوآدم جوڻيجا خاندان جو پڳدار، پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر روشن دين جوڻيجو 74 ورهين جي ڄمار ۾ اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن موجب، هو مختصر علالت بعد دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو. سندس لاڏاڻي تي ٽنڊوآدم ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. مرحوم روشن جوڻيجو ڪلاسيڪل وڏيري، اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ سينيٽر مرحوم شاھه نواز جوڻيجو جو وڏو فرزند هو. هو موجوده ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو جو والد ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جو ڀاءُ پڻ هو. سندس تعلق ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊوآدم جي ڳوٺ سنجر جوڻيجو سان هو. سياسي ڪيريئر روشن جوڻيجو 1 جنوري 1951 تي جنم ورتو. سال 2002 ۾ ضلعي چيئرمين سانگهڙ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. هو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي-236 (سانگهڙ-II، اڳوڻو سانگهڙ-III) تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي 2008، 2013 ۽ 2018 وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. ان سان گڏوگڏ هو آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگهڙ جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ۾ مختلف ڪميٽين جو چيئرمين ۽ ميمبر پڻ رهيو. خدمتون ۽ ورثو مرحوم عوامي خدمت، ضلعي جي ترقياتي منصوبن ۽ فلاحي ڪمن لاءِ سڃاتو ويندو هو. ضلعي ناظم جي حيثيت سان به سندس خدمتون نمايان رهيون. پنهنجي تڪ ۾ هو نه رڳو پيپلز پارٽي جو مضبوط اڳواڻ هو پر عوامي سطح تي به وڏو اثر رسوخ رکندو هو. تعزيت ۽ سوڳ روشن جوڻيجو جي وفات تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان گڏ قومي ۽ صوبائي اڳواڻن سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي، عوامي خدمت لاءِ ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. سندس مڙھ کي اسلام آباد مان ڳوٺ سنجر جوڻيجو منتقل ڪيو ويندو جتي جنازي نماز ۽ تدفين ڪئي ويندي.