ٽنڊوآدم ۾ شادي کان انڪار ڪرڻ تي تيزاب سان ساڙي زخمي ڪيل ناري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي سياسي ڌرين ۽ وارثن پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو آهي.ٽنڊوآدم جي بڙدي پاڙي ۾ ھڪ ھفتو اڳ ۾ جوابدار پاران شادي کان انڪار تي 9 ڪلاس جي شاگردياڻي مسڪان سومرو تي تيزاب ھاري کيس زخمي ڪندڙ جوابدار نويد سومرو تي ايف آءِ آر داخل ھئڻ جي باوجود پوليس پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي مذھبي سياسي سماجي ڌرين ۽ ناري جي وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ محمد خان پنھور، باغي مجاھد ٿھيم، زبير ماڪوڙاڻي ۽ ناري امڙ اسماء ۽ ٻين ڳالھيندي چيو ته ناري مسڪان سان ظلم ٿيو آھي، شادي کان انڪار تي جوابدار مٿس تيزاب ھاري حملو ڪيو، جنھن سبب سندس ٻانھ ۽ اک سخت متاثر ٿي آھي. ايس ايس پي سانگھڙ 4 ڏينھن جو ٽائيم ورتو پر 8 ڏينھن گذري وڃڻ جي باوجود جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.ھنن داھنيو ته جوابدار نياڻي کي اڃان به موتمار ڌمڪيو پيو ڏي ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن جوابدار گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.