ٽنڊوآدم: 25 ورهين جي نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، اسپتال منتقل

ٽنڊوآدم ويجهو باءِ پاس ڀرسان هڪ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو. اطلاع تي سٽي پوليس پهچي لاش کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو اسپتال ۾ نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ حبيب خان مري واسي 25 ورهين جي اڪرم ولد علي خان مري طور ٿي. مقتول جي ويجهي عزيز باز خان مري ٻڌايو ته اڪرم رات کان گم هو، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وئي، پر اڄ زرعي زمين تي بيٺل وڻ ۾ سندس ٽنگيل لاش مليو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان رات کان غائب هو ۽ سندس لاش زرعي زمين ۾ وڻ سان ٽنگيل حالت ۾ هٿ آيو، وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.