گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو حيدر ۾ سالياني انعامن جي ورهائڻ جي رنگين ۽ شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن جي نظامت جا فرائض محمد اڪرم پنھور سرانجام ڏنا. تقريب جي صدارت اسڪول جي هيڊ ماستر ذوالفقار علي خاصخيلي ڪئي. ان موقعي تي معزز مهمانن ۾ سابقه هيڊ ماستر اختيار احمد خانزادو، سابقه فوڪل پرسن بيٽ ٽنڊو حيدر سائين نريش ڪمار، ۽ هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو حيدر سائين آسن داس خصوصي طور شرڪت ڪئي. مهمانن پنهنجي خطاب ۾ استاد جي پيشورانه صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي، شاگردن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. آخر ۾ مختلف ڪلاسز جي پوزيشن هولڊرن ۾ ٽرافيون، ميڊلز ۽ شيلڊز ورهايا ويا. ان موقعي تي زين العابدين بن اڪرم پنھور کي اسڪول ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي خصوصي شيلڊ سان نوازيو ويو، جيڪو تقريب جو نمايان ترين لمحو رهيو.