ٽي وي جو مشهور ۽ سينئر اداڪار شبير رانا لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: ٽي وي جو مشهور ۽ سينئر اداڪار شبير رانا ڊگهي بيماري کان پوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شبير رانا کي دل جي بيماري هئي ڪجهه سال اڳ سندس باءِ پاس به ٿيو هو.مشهور اداڪار ڊگهي وقت تائين ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري سان جڙيل رهيو جڏهن ته هن بطور ڊائريڪٽر ڪيترن ئي ٽي وي ڪمرشل جي ڊائريڪيشن به ڏني جنهن کان پوءِ هو ڊرامه انڊسٽري سان بطور هڪ ايڪٽر جڙي ويو.ذاتي طور تي اداڪار دليپ ڪمار کان متاثر ٿيڻ سبب شبير رانا جي اداڪاري ۾ ان جي جهلڪ نظر ايندي هئي. هن نجي چينلز جي ڪيترن ئي ڪامياب ٽي وي سيريز ۾ بطور ايڪٽر طور ڪردار نگاري ڪئي. شبير رانا جي جنازي نماز رحمانيه مسجد، طارق روڊ ۾ عصر جي نماز کان پوءِ ادا ڪئي ويندي.