پارليامينٽ تي حملي جهڙي ڪارروائي جو ساٿ نه ڏينداسين: نويد قمر

 پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ نويد قمر چيو آهي ته پارليامنيٽ تي جتان کان حملو ٿيو اسان کي اتان ئي بيهڻو پوندو اسان اهڙي ڪنهن به ڪارروائي جو ساٿ نه ڏينداسين.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نويد قمر چيو ته ڪالهوڪو واقعو پارليامينٽ تي تمام گهڻو سنجيده حملو آهي، پارليامينٽ جي اندر داخل ٿي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو ته هاڻ باقي بچيو ڇا آهي. سڀاڻي هي اوهان کي به هتان کان ئي گرفتار ڪري کڻي ويندا.هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڪالهوڪي واقعي جي جاچ ڪري ڇو ته جيڪي الزام سامهون اچي رهيا آهن مون وٽ يقين ڪرڻ جو ڪوبه رستو نه آهي، اهو پارليامينٽ ۽ آئين تي حملو آهي.نويد قمر چيو ته اوهان کي سنجيده  جاچ ڪري ڪارروائي ڪرڻي پوندي جيڪڏهن ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اهو سلسلو رڪجي نه سگهندو.