ٽنڊوڄام: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پارليامينٽ کان وڌيڪ سپريم ٻيو ڪير به نه آهي، ڪير به پارليامينٽ کي ڊڪٽيشن نه ٿو ڏئي سگهي، غير قانوني طور اسيمبليون ٽوڙيندڙن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي.شرجيل ميمڻ ٽنڊوڄام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ واسين کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو ته هڪ سياسي جماعت کي 2018ع جي اليڪشن ۾ لاڏلو بڻائي جعلي مينڊيٽ ڏنو ويو.هن جو چوڻ هو ته اڄ به ان سياسي جماعت لاءِ غير آئيني ۽ جبري طور رستو ٺاهيو پيو وڃي، اسان کي ان جماعت جي حمايت ختم ڪرڻي آهي صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد ۾ مين پوري ۽ گٽڪا نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهيا آهن، عيد کانپوءِ منشيات جي ڪاروبار خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو.