حيدرآباد ۾ گهٽي ۾ کيڏڻ کان روڪڻ تان 7 ورهين جو معصوم نينگر پوليس اسٽيشن پهچي ويو. حيدرآباد ۾ هڪ 7 ورهين جو نينگر پاڙي ۾ کيڏڻ کان روڪڻ تيِ پوليس اسٽيشن پهچي ويو ۽ 2 عورتن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي پوليس موجب، حيدرآباد جي چوڙي پاڙي واري علائقي جو رهواسي ورهين سالن جو اياز صديقي، سخي پير پوليس اسٽيشن پهتو جتي هن ٻن عورتن خلاف رپورٽ داخل ڪئي. نينگر جو چوڻ هو ته ٻہ عورتون، رانيا ۽ موني، کيس پاڙي جي گهٽين ۾ کيڏڻ نه ڏينديون آهن ۽ کيس ڀڄائي ڇڏينديون آهن. پوليس نينگر جي رپورٽ داخل ڪري کيس مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.