نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سڀاڻي چين جي دوري تي بيجنگ پهچندو، جتي چيني پرڏيهي وزارت ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون. افغانستان جو عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي 20 مئي چين پهچندو، پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا. ٽئي ملڪ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ، سيڪيورٽي سهڪار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندا. ملاقات ۾ پاڪ _ ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ خطي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.