دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوان ٽيم ايشيا ڪپ 2025 ۾ روايتي حريف ڀارت خلاف ٿيندڙ هاءِ وولٽيج مقابلي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ عمان خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي مائڪ هيسن چيو ته، “مون ڪيترائي ڀيرا پاڪ-ڀارت ميچون ٻاهران ڏٺيون آهن، ڪڏهن ڪوچ ۽ ڪڏهن ڪمينٽيٽر طور، پر هاڻ هن ماحول جو حصو هجڻ زبردست تجربو آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته ٽيم فوڪس ۾ رهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري.” هيڊڪوچ جو چوڻ هو ته ڀارت اعتماد سان کيڏي ٿو پر پاڪستان به ڏينهن به ڏينهن بهتر ٿي رهيو آهي، اسان ڪنهن به چئلينج کان نه ٿا ڊڄون ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. مائڪ هيسن ٻڌايو ته دبئي جي پچ شارجه کان مختلف آهي، پر پاڪستان وٽ متوازن اسڪواڊ آهي، جنهن ۾ 5 اسپنرز شامل آهن. “محمد نواز هن وقت دنيا جي بهترين اسپن بالرز ۾ آهي، ساڳئي وقت اسان وٽ مضبوط پيس اٽيڪ به موجود آهي، ٽيم هر قسم جي حالتن ۾ کيڏي سگهي ٿي.” بيٽنگ تي تنقيد بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ لائين اپ اڃا ڊولپمينٽ جي مرحلي ۾ آهي. “شارجه ۾ اسين گهڻو ڪري پنهنجن ٽارگيٽس کان وڌيڪ اسڪور ڪندا رهياسين، جيڪا مثبت ڳالهه آهي.” هن ٻڌايو ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي اسٽرايڪ ريٽ بهتر ڪرڻ جي خاص هدايت ڪئي وئي آهي. “جديد ڪرڪيٽ ۾ اسٽرايڪ ريٽ جو وڏو ڪردار آهي، تنهنڪري اسان رانديگرن سان کليل دل سان کين ڪمزوريون ٻڌايون آهن ته جيئن هو پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ سڌارو آڻي سگهن.” پريس ڪانفرنس دوران مائڪ هيسن کلندي چيو ته، “مون کي اردو ڪافي حد تائين سمجهه ۾ اچي ٿي پر ڳالهائڻ جي صلاحيت محدود آهي، پشتو نٿو اچي. رانديگر جيڪڏهن اوهان جي پٺيان ڳالهائين ته اوهان کي پتو نه پوي، ائين نٿو ٿي سگهي.”واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ پنهنجو پهريون ميچ عمان خلاف کيڏندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جو وڏو مقابلو 14 سيپٽمبر تي ٿيندو.