پاڪستان: آيل ڀارتي ناري انجو اسلام قبول ڪري دير بالا جي نوجوان سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

پاڪستاني : ڇوڪري جي محبت ۾ خيبرپختونخواهه آيل ڀارتي ناري انجو اسلام قبول ڪري دير بالا جي نوجوان نصرالله سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.رپورٽ موجب فيس بڪ تي دوستي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي شهر نئين دهلي جي رهواسڻ ڪرسچن ناري انجو ويزا کڻي خيبرپختونخواهه جي شهر دير بالا پهتي هئي جنهن کان پوءِ اڄ هن اسلام قبول ڪري دير بالا جي رهواسي نوجوان نصرالله سان عدالتي پرڻو ڪري ورتو آهي.35 ورهين جي انجو جو هاڻ نئون نالو فاطمه رکيو ويو آهي. ٻنهي ڄڻن دير بالا جي سول ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. شادي کان پوءِ نئين جوڙي سياحتي هنڌ لواري ٽٽل، بل پارڪ ۽ دير سٽي ۾ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو ٺاهي ۽ برساتي موسم دوران انجواءِ ڪيو. جڏهن ته ڀارتي ڇوڪري کان اڃان تائين پوليس طرفان جاچ جو سلسلو جاري آهي.ياد رهي ته نصرالله سان 2019 ۾ فيس بڪ تي دوستي کان پوءِ پاڪستان ايندڙ 34 ورهين جي انجو پنهنجي مڙس کي ٻڌائي آئي هئي ته مان جي پور وڃي رهي آهيان انجو اروند سان شادي لاءِ عيسائيت مذهب قبول ڪيو هئو.ٻئي طرف 2 ڏينهن اڳ پاڪستاني ۽ ڀارتي ميڊيا تي معاملو وائرل ٿيڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن 28 ورهين جي نصرالله جو بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان ٻنهي جو شادي ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي.29 ورهين جي نصرالله چيو ته منهنجو انجو سان شادي ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. انجو 20 آگسٽ تي پنهنجي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ واپس هلي ويندي. اها منهنجي خاندان جي ٻين عورتن سان گهر جي هڪ ڌار ڪمري ۾ ترسيل آهي.